هنڱورجا ۾ دل جي سوراخ واري بيماري ۾ مبتلا ٻارڙي جي پيءُ احتجاج ڪندي حڪومت کي نياڻي جي علاج ڪرائڻ جي اپيل

hangorja

هنڱورجا ۾ دل جي سوراخ واري بيماري ۾ مبتلا ٻارڙي جي پيءُ احتجاج ڪندي حڪومت کي نياڻي جي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ ڪوڙل خان جوڳي جي رهواسي پورهيت فقير محمد جوڳي  جي اڍائي سالن جي ٻارڙي  نازيه جوڳي دل جي سوراخ جي بيماري ۾ مبتلا آهي.

 پورهيت فقير محمد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي حڪومت کان نياڻي جي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

پورهيت ٻڌايو ته هو نياڻي جو علاج ڪرائڻ لاءِ پنهنجي گهر جو الهه تلهه کپائي چڪو آهي، پر  ٻارڙي جي طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي.

هن چيو ته غريب هئڻ ڪري هو نياڻو بهتر نموني علاج نٿو ڪرائي سگهي، حڪومت سندس نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*