نوشهروفيروز ويجهو احتجاج دوران پوليس سان چڪرين ۾ زخمي ٿيل جسقم ڪارڪن ارشاد چنو ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

arshad-chana-death-body

نوشهروفيروز ويجهو احتجاج دوران پوليس سان چڪرين ۾ زخمي ٿيل جسقم ڪارڪن ارشاد چنو ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سندن مڙهه اباڻي شهر رسول آباد پهچڻ تي سوڳ ۾ شهر مڪمل طور بند ٿي ويو.

 نوشهرو فيروز ۾ احتجاج دوران پوليس سان چڪرين ۾ زخمي ٿيل جسقم ڪارڪن ارشاد چنو ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

ڪارڪن جو مڙهه ڪراچي کان سندن اباڻي شهر رسول آباد پهچائڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڪارڪنن جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

جسقم ڪارڪن ارشاد چنو جي فوت ٿيڻ واري سوڳ ۾ روسول آباد شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن……………………

Comments

  1. Mehrab
    Mehrab 4 May, 2016, 21:26

    جسقم جي قافلي تي پوليس نه بلڪه فوجي درندن گوليون هلايون، جنهن ۾ جسقم جي ڪارڪنن سان گ ڊي.ايس.پي به زخمي ٿيو آهي، ٿورو اکيون کوليو اها منافقانه روش ڇڏي ڏيو……….

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*