سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نئير حسين بخاري اسلام آباد ۾ ايف ايٽ ڪچهري تي تلاشيءَ دوران پوليس اهلڪار کي چماٽ وهائي ڪڍي ڇڏي

Nayyar-Hussain-Bukhari

سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نئير حسين بخاري اسلام آباد ۾ ايف ايٽ ڪچهري تي تلاشيءَ دوران پوليس اهلڪار کي چماٽ وهائي ڪڍي ڇڏي آهي، جنهن بعد اهلڪارن نئير بخاري خلاف سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي ۽ آءِ جي اسلام آباد نئير بخاري کي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

اسلام آباد جي ايف ايٽ ڪچهري جي انٽري گيٽ تي اسپيشل برانچ جي اهلڪار سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ سيد نئير بخاري کي روڪي تلاشي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس موجب، نئير بخاري اهلڪار کي تلاشي ڏيڻ بدران کيس چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون.

واقعي بعد اسپيشل برانچ  جي اهلڪارن جي درخواست تي اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

آءِ جي اسلام آباد به معاملي جو نوٽيس وٺندي حڪم ڏنو آهي ته نئير بخاري خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*