نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي اگهن ۾ 75 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

Nipra

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي اگهن ۾ 75 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيپرا ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي پاور پلانٽ مان گهٽ بجلي پيدا ڪئي، جنهن سبب بجلي خريد ڪندڙ ڪمپنين ۽ آءِ پي پيز تي واڌو بار پيو.

نيپرا ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ 75 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جيڪا رڳو مئي مهيني لاءِ هوندي.

نيپرا موجب، ڪي اليڪٽرڪ 44 پئسا في يونٽ تي گهٽتائي جي درخواست ڪئي وئي هئي.

نيپرا ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ فيبروري مهيني ۾ پاور پلانٽ مان گهٽ بجلي پيدا ڪئي، جنهن سبب آءِ پي پي پيز ۽ بجلي خريد ڪندڙ ڪمپنين تي واڌو بار پيو آهي.

ترجمان چيو ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي سان صارفين کي 77 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*