سـُپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ شيشا امپورٽ ڪرڻ تي پابندي لڳائيندي شيشن ۽ تماڪ جي واهپي خلاف آگاهي مهم هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-14-4-16

سـُپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ شيشا امپورٽ ڪرڻ تي پابندي لڳائيندي شيشن ۽ تماڪ جي واهپي خلاف آگاهي مهم هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا آهن ته صحت لاءِ هاڃيڪار هئڻ باوجود ماڻهو هاڻي پنهنجي گهرن ۾ به شيشو پيا رکن.

 جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ صحت لاءِ هاڃيڪار شيشا ۽ تمباڪو نوشي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ٻڌڻيءَ دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ شيشن خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن.

 خيبرپختونخواهه جي وڪيل دليل ڏنا ته شيشا جي استعمال خلاف قانون پاس ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار ۽ پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته شيشي جي استعمال خلاف جلد قانون منظور ڪرايو ويندو.

 عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد سڄي ملڪ ۾ شيشي تي پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏيندي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد رپورٽ هڪ مهيني اندر طلب ڪري ورتي آهي

  عدالت تمباڪو نوشي ۽ گٽڪي جي نقصانن بابت آگاهي مهم هلائڻ جو به حڪم ڏيندي تمباڪو نوشي خلاف 2005 واري معاهدي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا آهن ته صحت لاءِ هاڃيڪار هئڻ باوجود ماڻهو هاڻي پنهنجي گهرن ۾ به شيشو پيا رکن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*