قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، نئير بخاري تي ڪيس داخل ڪرڻ تي احتجاج

khurshid-shah

 قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، نئير بخاري تي ڪيس داخل ڪرڻ تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته نئير بخاري سينيٽ جو چيئرمين ۽ وقتي صدر رهي چڪو آهي، سول ڊريس پهريل اهلڪار کائنس ڪيئن ٿو تلاشي وٺي سگهي.؟

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نئير بخاري پاڻ هڪ وڪيل آهي ۽ عدالت وڃي رهيو هو، کيس سڀ سڃاڻن ٿا.

هـُن چيو ته نئير بخاري جي شخصيت کان سڀ واقف آهن، اهو سينيٽ چيئرمين رهڻ سان گڏ وقتي صدر جون ذميواريون به نڀائي چڪو  آهي، سول ڪپڙا پهريل اهلڪار کائنس ڪيئن ٿا تلاشي وٺي سگهن.

خورشيد شاهه چيو ته آءِ جي اسلام آباد جاچ کانسواءِ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سندس رويي تي افسوس ٿيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*