سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نئير بخاري خلاف پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد کيس گرفتار ڪرڻ جون تياريون مڪمل

neyar bukhari

سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نئير بخاري خلاف پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد کيس گرفتار ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، آءِ جي اسلام آباد نئير بخاري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اهلڪارن جان تـِري تي رکي ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن، واقعي کي مثالي بڻايو ويندو .

اسلام آباد جي ايف ايٽ ڪچهري جي انٽري گيٽ تي اسپيشل برانچ جي اهلڪار سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نئير بخاري کان روڪي کائنس تلاشي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته نئير بخاري تلاشيءَ ڏيڻ بدران اهلڪارن کي چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ کيس ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

واقعي بعد اسپيشل برانچ جي اهلڪارن ڊيوٽي ڇڏي احتجاج ڪيو، جڏهن ته نئير بخاري خلاف مارگلا ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

آءِ جي اسلام آباد جي حڪم بعد نئير بخاري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽيمون سندس رهائشگاهه ڏانهن اماڻيون ويون آهن……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*