پيرو جي سڪيورٽي فورس مقابلي بعد بوليويا جي جهاز ذريعي منشيات جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائيندي هوائي جهاز ڪيرائي و ڌو

airline

پيرو جي سڪيورٽي فورس مقابلي بعد بوليويا جي جهاز ذريعي منشيات جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائيندي هوائي جهاز ڪيرائي و ڌو ۽ زخمي پائليٽ کي گرفتار ڪري ورتو

ڊرانڊرو واري علائقي ۾ پيرو جي منشيات ٽوڙ فورس جهاز ۾ منشيات جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائيندي ٽي ڪلاڪ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد جهاز ڪيرائي وڌو.

ان دوران بوليويا سان تعلق رکندڙ 58 سالن جو پائلٽ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس حراست ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪولمبيا سان لاڳاپيل ٻيو جوابدار فرار ٿي ويو.

پيرو جي اختيارين 70 ڪلو ڪوڪين هٿ ڪري ورتي آهي پر پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جهاز ۾ وڌيڪ 2 سئو ڪلو ڪوڪين لڪائي هوندي، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب پيرو ڪوڪين سپلاءِ  ڪندڙ دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ آهي، پهرئين نمبر تي ڪولمبيا آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*