ڪراچي سينٽرل جيل مان چئن قيدي ٻارڙن جي فرار ٿيڻ بعد انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، ڪارروايون ڪري ٽن ٻارڙن کي هٿ ڪري ورتو

central-jail-karachi07

ڪراچي سينٽرل جيل مان چئن قيدي ٻارڙن جي فرار ٿيڻ بعد انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، ڪارروايون ڪري ٽن ٻارڙن کي هٿ ڪري ورتو.

سينٽرل جيل جي بچا وارڊ مان 3 ڏينهن اڳ 4 ٻارڙا مصطفيٰ، راشد امجد ۽ جنيد فرار ٿي ويا هئا، جيڪا خبر ميڊيا ۾ اچڻ بعد جيل انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي.

جيل پوليس ڪارروايون ڪري ٽن ٻارڙن کي هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته اڃا به هڪ ٻارڙو هٿ اچي نه سگهيو آهي.

پوليس موجب جيل جي سڪيورٽي جيل انتظاميا جي ذميواري آهي، حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ڪرايو ويو آهي، جيل انتظاميا پاڻ ڪارروائي ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*