قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو فيصلو ٿي ويو آهي: شهريارخان

pcb-shahryar-khan-14-4-16

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئر مين شهريارخان چيو آهي ته قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو فيصلو ٿي ويو آهي، جيڪو پاڪستاني يا غيرملڪي به ٿي سگهي ٿو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو ته قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ بورڊ کي ڪيتريون ئي درخواستون وصول ٿيون آهن ۽ ڪوچ جو فيصلو به ٿي ويو آهي.

هن چيو ته ڪوچ جو نالو ايندڙ ٻن ڏينهن اندر ظاهر ڪيوويندو، ڇاڪاڻ جو جنهن ڪوچ جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي، ان سان مالي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي.

هن چيو ته ڪرڪيٽ ڪاميٽي ۽ ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ افيئرز کي الڳ الڳ ڪيو ويندو، ان کان پهرين ڪرڪيٽ ڪميٽي جي تجويزن کي ٻڌو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*