ڪشمور ويجهو گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي

ڪشمور ويجهو هڪ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي ۽ 5 ورهين جو ٻارڙو سڙي زخمي ٿي پيو آهي.

ڳوٺ سردارو کوسو ۾ پورهيت شاهه مراد کوسو جي گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهر اندر ستل 2 ورهين جي معصوم ٻارڙي امينت کوسو سڙي فوت ٿي وئي.

باهه لڳڻ سبب 5 ورهين جو ٻارڙو حيدر علي کوسو به سڙي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ ڪري گهر جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

واقعي بعد معصوم ٻارڙي جو لاش ۽ زخمي ٻارڙي کي ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته چلهه مان چڻنگ اُٿڻ سبب باهه لڳي آهي، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ ڪري سندن الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*