نيپرا بجلي جي في يونٽ تي 2 رپيا 97 پئسا گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

نيپرا بجلي جـَي فـِي يونٽ تي 2 رپيا 97 پئسا گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي بلز ۾ گهٽتائي سان صارفين کي جنوري جي بلز ۾  19 ارب رپين جو رليف ملندو.

نيپرا پاران بجلي في يونٽ ۾ بجلي  2 رپيا 97 پئسا گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نيپرا ترجمان موجب نوٽيفڪيشن نومبر جي فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ جاري ڪيو ويو آهي.

نيپرا ترجمان موجب، جنوري جي بلن ۾ صارفين کي 19 ارب رپين جو رليف ملندو، جڏهن ته نومبر ۾ 6 ارب 53 ڪروڙ يونٽس بجلي جي ورڇ ڪئي وئي.

نيپرا هدايت ڪئي آهي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون صارفين کي مڪمل رليف فراهم ڪن، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت وٽ 60 پئسا في يونٽ جو رليف روڪڻ جو ڪو اختيار ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*