سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اڄ ئي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جسٽس احمد علي شيخ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ نثار مورائي جو علاج ڪرائڻ لاءِ سندس گهرواري طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نثار مورائي کي معدَي جي تڪليف سبب آپريشن ٿيڻو آهي پر کيس اسپتال داخل نه پيو ڪرايو وڃي.

عدالت فوري طور تي نثار مورائي کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته عدالتي حڪم تي عمل ڪري اڄ ئي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*