آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪرائيم برانچ پوليس کي منشيات، جوا جي اڏن ۽ ٻين سماجي براين خلاف ڪارروايون نه ڪرڻ جو حڪم

AD-khuwaja

 آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪرائيم برانچ پوليس کي منشيات، جوا جي اڏن ۽ ٻين سماجي براين خلاف ڪارروايون نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪرائيم برانچ رڳو انهن ڪيسن تي ڪارروائي ڪري جن بابت کيس هدايتون ڏنيون وڃن.

آءِ جي سنڌ ڪرائيم برانچ جي حوالي سان ميڊيا تي آيل شڪايتن جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪرائيم برانچ رڳو انهن ڪيسن تي ڪارروائي ڪري جن جي جاچ سندن حوالي ڪئي وڃي.

آءِ جي سنڌ ڪرائيم برانچ پوليس پاڻمرادو ڪارروائي کان روڪڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*