ڪڪول واهه جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن ميهڙ کان مارچ ڪري دادو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

DADU-protest

ڪڪول واهه جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن ميهڙ کان مارچ ڪري دادو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، کڏڙو ۽ هنڱورجا ۾ آبادگارن بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڪڪول واهه جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن سڪندر سوڍر ، محمد صادق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ کان مارچ ڪري دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملي خلاف نعريباز ي ڪئي.

اڳواڻن چيو ته ڪڪول واهه جي کاٽي نه  ٿيڻ خلاف هو 374 ڏينهن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، پر آبپاشي کاتي جا عملدار توڙي صوبائي وزير اگهور ننڍ ستل آهن.

هنن چيو ته ڪڪول واهه جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري پڇڙي جا آبادگار پاڻي کان محروم آهن، جنهن ڪري هو گذريل 20 سالن کان فصل جي پوکائي نٿا ڪري سگهن.

هنن مطالبو ڪيو ته  واهه جي فوري طور کاٽي ڪرائي پڇڙي تائين پاڻي فراهم ڪري آبادگارن کي معاشي طور ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي.

ٻئي طرف کڏڙو ۽ هنڱورجا ۾ آبادگارن علي حسن، شير خان ۽ امام بخش خاصخيلي جي اڳواڻي بارداڻو نه ملڻ تي خوراڪ کاتي جي عمدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خوراڪ کاتي جا عملدار بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪري رهيا آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بارداڻو آبادگارن کي ڏئي خوراڪ کاتي جي عملدارن خلاف ڪئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*