ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ويجهو شاهراهه فيصل تي ڪيترائي وڻ وڍيا ويا

karachi-tree-cuting

ڪراچي ۾  ايئرپورٽ ويجهو  شاهراهه فيصل تي ڪيترائي وڻ وڍيا ويا آهن، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وٺڻ جي واڍي جو نوٽيس وٺندي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 ڪراچي ۾  ايئر پورٽ ويجهو شاهراهه فيصل تي وڻ وڍيا ويا، ذريعن موجب ميڊيا جي نمائندن کي ڏسڻ بعد  وڻ وڍيندڙ فرار  ٿي ويا.

ذريعن موجب سائن بورڊ انتظاميا پاران شاهراهه فيصل تان وڻ وڍيا ، جن کي پوليس ۽ انتظاميه جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي.

موسميات کاتي پاران ڪراچي لاءِ هيٽ اسٽروڪ وارنگ جاري ڪرڻ باوجود شهر ۾ وڻن جي واڍي جو  سلسلو جاري آهي، جنهن تي شهرين ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وٺڻ جي واڍي جو نوٽيس وٺندي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 ڪراچي جي ڪمشنر آصف حيدر  شاهه به ڪراچي ۾ وڻن جي واڍي جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*