بک ۽ بيماري وگهي وڌيڪ پنج ٻارڙا فوت ٿي ويا انگ 282 ٿي ويو

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، بک ۽ بيماري وگهي اڄ وڌيڪ 5 ٻارڙا حياتي وڃائي ويٺا، جنهن بعد 87 ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 282 ٿي ويو آهي.

ننگرپارڪر اسپتال مان ڪراچي جي نجي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيل معصوم ٻارڙي آمنه نهڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته مٺي ڀرسان ڳوٺ اوڍاڻو سان تعلق رکندڙ 10 مهينن جو ٻارڙو يونس به زندگي جي جنگ هارائي ويٺو.

مٺي جي پرهه ڪالوني جو رهواسي 10ورهين جو نينگر شاهنواز کوکر فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ پنجپورا ۾ 3 مهينن جي معصوم ٻارڙي زندگي جي جنگ هارائي وئي.

ڏيپلي ڀرسان ڳوٺ حميرا ٻه ۾ 13 مهينن جي ٻارڙي عابد سحر دم ڏنو.

ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي 87 ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 282 ٿي ويو آهي، پر سرڪار پاران موت جي راڪاس کي روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*