سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جناح اسپتال ۾ يو ايس ايڊ جي سهڪار قائم ڪيل گائني وارڊ جو افتتاح

qaim-ali-shah

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جناح اسپتال ۾ يو ايس ايڊ جي سهڪار قائم ڪيل گائني وارڊ جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته آمريڪا پاران صحت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار ڪرڻ سان سنڌ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري ايندي.

گائني وارڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته گائني وارڊ جي تحفي سان عورتن جي صحت ۽ سندن ويم ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

وڏي وزير چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ مختلف وڌيڪ سهڪار ڪرڻ تي هو آمريڪا جا ٿورائتا آهن.

يو ايس ايڊ جي ڊائريڪٽر جان گرو چيو ته جناح اسپتال ۾ 700 ملين ڊالرز جي لاڳت سان گائني وارڊ قائم ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾صحت جي شعبي سان سهڪار جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*