بدين جي عدالت ٽنڊو باگو ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ زبردستي شهر بند ڪرائڻ واري ڪيس مان اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 10 ساٿين کي با عزت بري

Zulfqar Mirza saahab

بدين جي عدالت ٽنڊو باگو ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ زبردستي شهر بند ڪرائڻ واري ڪيس مان اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 10 ساٿين کي با عزت بري ڪري ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل سيشن جج ڪراچي 2015ع ۾ ٽنڊو باگو ۾ زبردستي دڪان بند ڪرائڻ، ٿاڻي تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿي دلبر خواجه، سڪندر ميمڻ، فيصل چيما، سليم چانڊيو، ستار ريٻاڙي، ارشاد خواجه سميت 10 ڄڻن کي با عزت بري ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*