فاروق ستار جي ڪو آرڊينيٽر آفتاب حسين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري

postmartm

فاروق ستار جي ڪو آرڊينيٽر آفتاب حسين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آفتاب حسين جي جسم جي مختلف حصن تي تشدد سميت ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جا نشان هئا ۽ هو علاج دوران فوت ٿي ويو.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪليم الله ڪلوڙ جي نگراني ۾ آفتاب حسين جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته آفتاب حسين کي 3 مئي تي دل جي تڪليف سبب جناح اسپتال آندو ويو، جنهن دوران هو فوت ٿي ويو.

پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آفتاب حسين جي جسم جي مختلف حصن تي تشدد سميت ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جا نشان هئا ۽ ان جي ساڄي پير جي آڱوٺي جو ننهن به نڪتل هو.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آفتاب حسين تي  تشدد جي 36 ڪلاڪن  بعد هو فوت ٿيو.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آفتاب حسين جي موت جو حتمي ڪارڻ ڪيميڪل رپورٽ اچڻ بعد ٻڌايو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*