ڪاڇي ۽ کير ٿر جي جابلو پٽي تي گذريل ڏينهن وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار بڻيل

kachho-naion

ڪاڇي ۽ کير ٿر جي جابلو پٽي تي گذريل ڏينهن وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار بڻيل آهي ۽ کير ٿر  مان وهي آيل نئين تي تفريح ڪندڙن جي رش لڳلي وئي آهي.

کير ٿر جي جابلو پٽي تي وسڪاري کان پوءِ نئين گاج ، نئين نلي ،  نئين انگئي ، نئين کنڌاني ، نئين سوري ، نئين هليلي سميت 7 کان وڌيڪ نئيون وهي آيون آهن.

نئين جي وهي اچڻ سبب علائقي واسين جا چهرا خوشي مان ٻهڪي پيا آهن  ۽ کير ٿر جي نئين مان وهي ايندڙ پاڻي جو نظارو ڏسڻ ۽ مڇي جي شڪار لاءِ علائقي واسين جا نئين جي ڪپرن تي ميلا متل آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيتري عرصي کان ڪاڇي ۾ برساتون نه پوڻ ڪري علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال هئي، پر نئين جي اچڻ سان  هڪ نئين اميد پيدا ٿي وئي آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*