نيب لاهور ۾ ڪارروائي ڪري اڳوڻي ايم ڊي پيپڪوبشارت چيما کي اختيارن جي ناجائز استعمال هيٺ گرفتار ڪري ورتو

nab-Cheema

نيب لاهور ۾ ڪارروائي ڪري اڳوڻي ايم ڊي پيپڪوبشارت چيما کي اختيارن جي ناجائز استعمال هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي اڄ رمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

نيب ترجمان موجب، لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پيپڪو جي اڳوڻي ايم ڊي طاهر بشارت چيما کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته طاهر بشارت چيما تي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سندس دور ۾ پيپڪو اندر ضابطه جي خلاف ڀرتيون ڪرڻ جا الزام آهن.

طاهر بشارت چيما کي لاهور جي احتساب عدالت ۾ اڄ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن ۽ نيب پاران سندس جسماني رمانڊ جي درخواست ڏني ويندي…… ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*