ڌانڌلين جي جاچ لاءِ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ اتفاق کانپوءِ معادي جو مسودو تيار ڪيو ويو

2013ع جي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ اتفاق کانپوءِ معاهدي جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن موجب صدارتي آرڊيننس ذريعي 3 رڪني عدالتي ڪميشن قائم ڪئي ويندي، جيڪا 45 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪندي ۽ مدد لاءِ ڳجهن ادارن ۽ نادرا جي عملدارن تي ٻڌل ڪميٽيون به ٺاهي سگهندي.

وفاقي سرڪار ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ 2013ع جي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ تي اتفاق بعد ٽرم آف ريفرنس وارو معاهدو منظر عام تي اچي ويو آهي.

ذريعن موجب حتمي شڪل ڏنل معاهدي جو مسودو تحريڪ انصاف جي مطالبن موجب ئي تيار ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪاپي پي ٽي آءِ کي به ڏني وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدي ۾ وفاقي سرڪار پي ٽي آءِ جي مطالبي تي 2013ع جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ صدارتي آرڊيننس ذريعي عدالتي ڪميشن جوڙيندي.

معاهدي جي مسودي موجب چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ لاءِ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي، ايف آءِ اي ۽ نادرا جي نمائندن کان مدد وٺڻ واري پي ٽي آءِ جي مطالبي کي به حڪومت تسليم ڪري ورتو آهي .

ذريعن موجب عدالتي ڪميشن جي قيام واري معاهدي تي حڪومت پاران ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ تحريڪ انصاف پاران وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي صحيحون ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي (عوامي) جي سينيٽر ڪلثوم پروين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيٽر رحمان ملڪ به حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ معاهدي تي سياسي ضمانت لاءِ صحيحون ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدي تي صحيحن بعد صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويندو، جنهن جو پڻ مسودو تيار ٿي ويو آهي.

صدارتي آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد 2014ع کان ئي سپريم ڪورٽ جي ماتحت جاچ ڪميشن جوڙي ويندي، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٽن ججن تي ٻڌل ڪميشن جوڙيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدي جو سڀ کان اهم نقطو ڪميشن جي جاچ لاءِ مدو طئي ڪرڻ هو، جنهن تي به اتفاق ٿي ويو آهي ته عدالتي ڪميشن چونڊن ۾ڌانڌلين بابت 45 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪندي ۽ ڪميشن جي رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪئي ويندي.

ذريعن موجب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ معاهدي تحت عدالتي ڪميشن کي اهو اختيار هوندو ته اها مقرر وقت اندر جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ جاچ ڪميٽيون ٺاهي.

انهن ڪميٽين ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ، ايف آءِ اي، آءِ بي ۽ نادرا جا نمائندا يا اعليٰ عملدار شامل هوندا.

2013ع جي چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ مسلم ليگ نون تي ڌانڌلين جا الزام مڙهي مختلف تڪن جي نتيجن کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چيلينج ڪيو هو.

ٽربيونل پاران سال تائين ڪي فيصلا سامهون نه اچڻ بعد پي ٽي آءِ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ۽ 126 ڏينهن تائين اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو، جيڪو پشاور سانحي کانپوءِ ختم ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*