ڊاڪٽر عاصم سميت 6 جوابدارن خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

Dr-Asim-30416

ڊاڪٽر عاصم ۽ پيٽروليم واري اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز چوڌري سميت 6 جوابدارن خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر عاصم تي اختيارن جي غلط استعمال ۽ يوريا جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري قومي خزاني کي 462 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جا الزام آهن، ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته سياسي قيدي آهيان، نيب هاڻي منهنجي خلاف ٻڪري چوريءَ جو ڪيس به داخل ڪندي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ پيٽروليم واري اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز چوڌري سميت 6 جوابدارن خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ، جنهن دوران جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن پاران  ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ بعد عدالت 14 مئي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

فرد جرم لاڳو ٿيڻ دوران نيب ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم گئس جي فراهمي بابت گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي غلط ڄاڻ ڏني ۽ هن ناظم آباد ۾ ضياءُ الدين اسپتال لاءِ غير قانوني طريقي سان زمين حاصل  ڪئي.

نيب فرد جرم ۾ اهيو به ڄاڻايو آهي ته ڊاڪٽر عاصم 2012ع ۽ 2013 ع ۾ قومي خزاني کي 4 سئو 50 ارب رپين جو نقصان پهچايو.

عدالت ۾ پيشي دوران ڊاڪٽر عاصم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو حڪومت جو سياسي قيدي آهي ۽ کيس ڄاڻ آهي ته نيب سندس خلاف ٻڪري چوري جو به ڪيس داخل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*