حڪومت ريلوي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي خواجه سعد رفيق

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته هڪ ريل گاڏي لاءِ سياسي بنيادن تي 53 اسٽاپ قائم ڪيا ويا آهن، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ريلوي جي ڪراين ۾ واڌ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو ته حڪومت ريلوي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ماضي ۾ ريلوي جي اهڙي حالتن ڪئي وئي جو 20 ڪلاڪن وارو سفر 30 ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو ويندو هو پر موجوده حڪومت ان ۾ سڌارو آندو آهي.

هن چيو ته سياسي بنيادن تي هڪ ريلي گاڏين لاءِ مختلف هنڌن تي 53 اسٽاپ قائم ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن هڪ ريل گاڏي 53 اسٽاپن تي بيهندي ته اها وقت سان ڪيئن پهچي سگهندي، حڪومت سياسي اسٽاپن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

خواجه سعد رفيق چيو ته نوان لوڪو موٽو گهرائڻ ۾ 2 کان 3 سال لڳي ويندا، 91 نوان ڪوچز گهرايا پيا وڃن، جنهن سان ساليانو اربين رپين جو فائدو ٿيندو.

خواجه سعد رفيق چيو ته ريلوي جي ڪراين ۾ واڌ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، ريل گاڏين جي حالت ڏسڻ بعد ڪراين ۾ واڌ جو فيصلو ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*