سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ پادري ۾ به مسيحي برادري پاران ڪرسمس جو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو

سموري دنيا جيان پاڪستان ۾ به اڄ مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، مسيحي برادري فيصلو ڪيو آهي ته، پشاور سانحي سبب ڪرسمس جو ڏهاڙو انتهائي سادگي سان ملهايو  ويندو.

سموري دنيا جيان پاڪستان ۾ به اڄ مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏهاڙو مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي.

پاڪستان ۾ مسيحي برادري پشاور سانحي سبب ڪرسمس جو ڏهاڙو انتهائي سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 ان موقعي تي پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ خصوصي دعائون پڻ ڪيون وينديون.

حڪومت ڪرسمس جي ڏهاڙي جي موقعي تي گرجا گهرن جي سيڪيورٽي لاءِ اضافي نفري پڻ مقرر ڪئي آهي

سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ پادري ۾ به مسيحي برادري پاران ڪرسمس جو ڏينهن  جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جنهن دوران مسيحي برادري پاران عبادتون ۽ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*