ايس ايس پي ميرپور خاص ذهني مرض ۾ مبتلا ناري جي گهر پهچي عيادت ڪرڻ بعد سندس ذاتي خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان

mirpurkhas

 ايس ايس پي ميرپور خاص ذهني مرض ۾ مبتلا  ناري جي گهر پهچي عيادت ڪرڻ بعد سندس ذاتي خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ايس ايس پي عثمان غني صديقي اطلاع ملڻ تي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ ذهني مرض ۾ مبتلا  18 سالن جي نوجوان ناري شائستا ڌيءَ قاضي عبدالرشيد جي عيادت ڪئي، جڏهن ته ناري جي وارثن ذهني مرض سبب کيس ٻڌي رکيو هو.

ان موقعي تي ايس ايس پي سان گڏجي آيل دماغي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ناري کي طبي امداد ڏيڻ بعد ميڊيا کي ٻڌايو ته ناري شِزوفرنيا جي بيماري ۾ مبتلا آهي، کيس وڌيڪ علاج جي لاءِ حيدرآباد جي اسپتال موڪليو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*