سنڌ سرڪار پاران ڪميشن جي امتحان کانسواءِ 1500ڊاڪٽرن جي ڀرتي لاءِ انٽرويوز جو سلسلو جاري

medical-

سنڌ سرڪار  پاران  ڪميشن جي امتحان کانسواءِ 1500ڊاڪٽرن جي ڀرتي لاءِ انٽرويوز  جو سلسلو جاري آهي، صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر پنهنجو  موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته پيراميڊيڪل ايسوسئيشن ۽ ينگ ڊاڪٽرز  تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ سرڪار پاران 1500ڊاڪٽرن جي سڌي ريت ڀرتي واري اعلان کانپوءِ ضلعي سطح تي ڊي سي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽيز پاران اميدوارن کان انٽرويوز وٺڻ جو سلسلو جاري آهي.

صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر ڊاڪٽرن جي سڌي ريت ڀرتي بابت پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته پيراميڊيڪل ايسوسئيشن ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئيشن ڊاڪٽرن جي ڀرتي واري طريقيڪار خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئيشن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي ڀرتي لاءِ ڊي سيز جي سربراهي ۾ ڪميٽيز جوڙيون ويون آهن، جن کي ڪابه ٽيڪنيڪل ڄاڻ نه آهي ۽ اهي غير واسطيدار سوال ڪري رهيا آهن.

ينگ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته سڌي ريت ڀرتين سان وڏي پئماني تي ميرٽ جي لتاڙ ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب ڊاڪٽرن جي ڀرتي لاءِ حڪمران پارٽي جي ضلعي عهديدارن لسٽون جوڙي صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر حوالي ڪري ڇڏيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*