ڪنڌڪوٽ پوليس سنڌ، بلوچستان سرحدي پٽي ۾ ڪارروائي ڪندي پنج دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

sindh-police

ڪنڌڪوٽ پوليس سنڌ، بلوچستان سرحدي پٽي ۾ ڪارروائي ڪندي پنج دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب گرفتار دهشتگرد، ريلوي ٽريڪس تي ڌماڪن سميت ٻين سگين ڏوهن ۾ ملوث آهن.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ ۽ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ عمر طفيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ- بلوچستان جي سرحدي پٽي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري پنجن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته گرفتار دهشتگردن ۾ محمد خان، گاجاڻي، صادق بگٽي، ماما بهادر بنگلاڻي ۽ ٻيا شامل آهن، جن وٽان 12 ڪلو بارودي مواد، 2 هينڊ گرنيڊ ۽ 2 ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته گرفتار دهشتگرد ريلوي ٽريڪس تي بم ڌماڪن، بارودي سرنگهه ٺاهڻ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اغوا سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*