روڊن ۽ پلن جي تعمير سان قوم ٺهي ها ته انگريز کان آزادي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟:تحريڪ انصاف جي ترجمان

pti-naim-ul-haq24-8

تحريڪ انصاف وزير اعظم جي خطاب تي رد عمل ظاهر ڪندي  چيو آهي ته روڊن ۽ پلن جي تعمير سان قوم ٺهي ها ته انگريز کان آزادي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟، وزير اعظم پرامن ڌرڻي کي جواز بڻائي پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 11 ڪروڙ ماڻهو غريب جي ور چڙهيل آهن، حڪومت ترقياتي رٿائن جو ڊرامو رچائي عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي.

هن چيو ته قوم کي ڄاڻي ٿي ته دهشتگردن کي وزير اعظم نواز شريف جي ڪابينا جي ڇَٽي هيٺان پناهه ڏني وئي، نواز شريف پاناماليڪس بابت حقيقتون لڪائي رهيو آهي.

نعيم الحق چيو ته تحريڪ انصاف کي ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندڙ وزير اعظم جي شگر ملز ۾ پاڪستاني ماهرين بدران ڀارتي ايجنٽس کي پناهه ڏني وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي ايجنسي را“ جو ايجنٽ گرفتار ٿيو ته وزير اعظم نواز شريف هڪ لفظ ڳالهائڻ جي تڪيلف نه ڪئي.

نعيم الحق چيو ته سنڌ ۾ هاري ۽ مزدورن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، وزير اعظم پلن جو اعلان ڪري قومي خزاني مان اربين رپيا آف شور ڪمپنين ڏانهن منتقل ڪندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*