فنڪشنل ليگ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران ڪامياب ٿيل آزاد اميدوارن کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ڪرڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪرڻ جو اعلان

Shahryar-khan

فنڪشنل ليگ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران ڪامياب ٿيل آزاد اميدوارن  کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ڪرڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي.

فنڪشنل ليگ جي شهريار مهر، نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ ٻين سنڌ اسيمبلي ۾ آزاد اميدوارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران آزاد اميدوارن کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ڪرڻ وارو قانون سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ۽ توهين آهي.

هنن چيوته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي مڪاني چونڊن جي نظام کي ڊي ريل ڪرڻ چاهي ٿي.

شهريار مهر ۽ نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 600 کان وڌيڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جن کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

هنن چيو ته سنڌ سرڪار جي اهڙي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۽سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو ويندو.

شهريار مهر چيو ته وزير اعظم کان استعيفا جي جاچ جو مطالبو ڪندڙ خورشيد شاهه کي سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي گهر کان جاچ جي شروعات ڪرڻ گهرجي.

هنن چيو ته پيپلزپارٽي کي به ڪرپشن جي جاچ سنڌ کان شروع ڪرائڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*