پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي کي قومي ٽيم جو ون ڊي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي اچڻ تي پريشاني ورائي وئي

Azhar Ali

پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي کي قومي ٽيم جو ون ڊي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي اچڻ تي پريشاني ورائي وئي آهي،سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن قومي ٽيم کي اينڊر ورلڊڪپ سڌو کيڏڻُو آهي ته ان لاءِ وڏين ٽيمن کي شڪست ڏيڻي پوندي.

واضح رهي ته آءِ سي سي گذريل ڏينهن نئين عالمي ون ڊي رينڪنگ جاري ڪئي،جنهن ۾قومي ٽيم نائين پوزيشن تي آهي.

انگلينڊ ۾ 2019 جي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ آءِ سي سي جون ٽاپ 8 ٽيمون سڌيون ڪواليفاءِ ڪنديون ،جڏهن ته ٻه ٽيمن ج چونڊ ڪواليفائنگ رائونڊ تحت ٿيندي.

ميگا ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ 8 ٽاپ ٽيمون اهي هونديون ،جيڪي 30 سيپٽمبر 2017تائين عالمي رينڪنگ ۾پهرين اٺ پوزيشنز تي هونديون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اظهر علي جو چوڻ هو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي هاڻي وڏين وڏين ٽيمن کي شڪست ڏيڻي پوندي،جنهن بعد ٽيم ميگا ايونٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*