ايشين ڪوڏي ڪوڏي چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان ڀارت سان مهاڏو اٽڪائي رهيو آهي

kabhati

ايشين ڪوڏي ڪوڏي چيمپيئن شپ جو فيصلو اڄ ٿي ويندو، پاڪستان روائتي حريف ڀارت سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي.

ايشين چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ناقابل شڪست رهيو آهي.

دفاعي چيمپيئن پاڪستان ايونٽ ۾ ايران، سري لنڪا،افغانستان ۽ نيپال جي ٽيم کي شڪست ڏني هئي.

ڀارت پڻ ميگا ايونٽ ۾ انهن ٽيمن کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ايشين ڪوڏي ڪوڏي چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ دلچسپ ۽سخت مقابلي جي توقع ڪئي پئي وڃي.

اڄ جي فائنل ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ ٽيم ايشيا جي چيمپيئن ٿي ويندي، پاڪستان پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*