بلاول ۽ آصف وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن ورسي جي موقعي تي مک جلسو ٿيندو قائم علي شاهه

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري ۾ ڪي به اختلاف ناهن، مخدوم امين فهيم جو به پارٽي سان ڪو اختلاف ناهي.

وڏو وزير سيد قائم علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي انتظامن جو جائزووٺڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش پهچڻ بعد شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري

مزارن تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 27 ڊسمبر تي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ۾ مک جلسو ٿيندو.

وڏي وزير چيو ته جلسي ۾ اميد آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ٻئي شرڪت ڪندا نه ته ٻنهي مان ڪو هڪ ضرور شرڪت ڪندو.

سيد قائم علي شاهه چيو ته اميد فهيم پيپلزپارٽي جو اساسو آهي، ان جا پارٽي سان ڪي به اختلاف ناهن.

سيد قائم علي شاهه چيو پارٽي اندر اختلافن واريون ڳالهيون ڪوڙيون آهن، پ پ مخالف اجايو شوشا ڇڏي رهيا آهن.

وڏي وزير وڌيڪ چيوته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس سست رفتاري سان

 آهي، آءِ جي سنڌ چيو آهي ته  شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت قدم کنيا ويندا.

وڏو وزير ڪراچي کان موهن جو دڙو پهچڻ بعد ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي انتظامن جو جائزو ورتو آهي.

وڏي وزير ڳڙهي خدا بخش پهچڻ بعد شهيدن جي مزارن تي حاضري به ڀري آهي.

آءِ جي سنڌ غلام حيدرجمالي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي جا غير معمولي اپاءُ ورتا ويندا.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آءِ جي سنڌ چيو آهي ته ورسي دوران ڳڙهي خدا بخش ۾ گاڏين جي پارڪنگ پري رکي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*