دادو ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن گذريل ڪيترن ئي مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Dadu-Protest-70516

دادو  ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن گذريل ڪيترن ئي مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
ملازمن مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
مظاهرين چيو ته سمال انڊسٽريز  جي سوين ملازمن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان رهيل پگهارون جاري نه ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري هو سراپا احتجاج بڻيل آهن.
هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري هو فاڪا ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن، بار بار احتجاج باوجود کين رهيل پگهارون جاري نه ڪيون ويون آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ سمال انڊسٽريز  جي سمورن ملازمن کي فوري طور پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي  ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*