گمبٽ اسپتال ۾ فوتين جا لاش کڻڻ تان وارثن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن

Gambat-70516

گمبٽ اسپتال ۾ فوتين  جا لاش کڻڻ تان وارثن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته اسپتال جا شيشا به ٽٽي پيا.
گمس جي آءِ سي يو وارڊ ۾2 مريض  فوت ٿي ويا، جنهن دوران فوتين جا لاش ايمبولنس ۾ کڻڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهِيڙو ٿي پيو.
اسپتال اندر جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب غلام فريد، شعيب احمد سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ڌرين پاران اسپتال اندر هوائي فائرنگ  به ڪئي وئي .
واقعي جي اطلاع تي اسپتال انتظاميه پوليس کي گهرائي ورتو، جنهن جي اچڻ بعد صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو،  جڏهن ته واقعي سبب مريضن ۾ خوف ڇائنجي ويو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*