محرابپور ۾ جسقم جَي ڌرڻي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ڪارڪن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

mehrabpur-70516

محرابپور ۾ جسقم جَي ڌرڻي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ڪارڪن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
جسقم ڪارڪنن  ضمير ميمڻ، علي شي گهانگهرو، اياز قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.
ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن چيو ته نوشهري فيروز ۾ جسقم جي پرامن ڌرڻي تي فائرنگ ڪري ڪارڪن کي قتل ڪيو ويو.
هنن الزام مڙهيو ته قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو  وڃي، پر ملڪي ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته جسقم ڪارڪن جي قتل ملوث عملدارن کي وائکو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*