وفاقي سرڪار ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن، مخالف ڌر پاران پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ موڪليل ٽي او آرز تي خدشا ظاهر ڪندي اپوزيشن سان فوري رابطو ڪرڻ ۽ گڏيل ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Mulana-70516

وفاقي سرڪار ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن، مخالف ڌر پاران پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ موڪليل ٽي او آرز تي خدشا ظاهر ڪندي اپوزيشن سان فوري رابطو ڪرڻ ۽ گڏيل ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،  مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جماعتون ورهائجڻ کانپوءِ عوام ۾ مونجهارا پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.
پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي اتحادي پارٽين جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجي، پروفيسر ساجد مير ۽ اعجاز الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته وفاقي وزير چوڌري نثار، خواجه آصف، زاهد حامد، پرويز رشيد ۽ قانوني توڙي آئيني ماهر به شريڪ هئا.
اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد پاران مخالف ڌر پاران پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ اپوزيشن پارن موڪليل ٽي او آرز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ حڪومت ۽ اتحادي جماعتن پاران پاناماليڪس معاملي تي اپوزيشن جي ٽرمز آف ريفرنس تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي اپوزيشن سان فوري طور رابطي جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾  اهو به فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته اپوزيشن سان رابطي جو ٽاسڪ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار حوالي ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت اپوزيشن کي جوابي خط ذريعي ٽرمز آف ريفرنس بابت خدشن کان آگاهه ڪندي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته حڪومت پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ تيار آهي، اپوزيشن جي مثبت تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت ۽ اتحادي جماعتن کي اپوزيشن جي ٽرمز آف ريفرنس تي خدشا آهن.
هن چيو ته اپوزيشن جماعتون پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ واري مطالبي تان پوئتي هٽي ويون آهن ۽ عوام ۾ مونجهارا پيدا پيون ڪن.
هن چيو ته اپوزيشن رٽائرڊ ججز تي ٻڌل ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ رٽائرڊ بيورو ڪريٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن ڪئين ٿو جوڙي سگهجي؟……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*