نادرا، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110 گوجرانوالا تي ووٽن جي تصديق بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

khuwaja-asif28-8

نادرا، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110 گوجرانوالا تي ووٽن جي تصديق بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تڪ تي عام چونڊن دوران 227 پولنگ اسٽيشنز مان 29 پولنگز جو رڪارڊ ئي موجود نه هو ۽ 242 ڪائونٽر فائيل به نه ملي سگهيا.
سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد نادرا اين اي 110 تي ووٽن جي تصديق بابت رپورٽ ٻن مهينن بعد عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن دوران تڪ ۾ 2 سئو 27 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون هيون پر انهن مان 29 پولنگ اسٽيشنز جو رڪارڊ نه ملي سگهيو.
نادرا رپورٽ موجب، چونڊن دوران هڪ لک 25 هزار ڪائونٽر فائل مليا هئا ۽ 803 ڪائونٽر فائيل متاثر ٿيڻ سبب اهي اسڪين نه ٿي سگهيا.
عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته چونڊن دوران 242 ڪائونٽر فائيل جو رڪارڊ به نه ملي سگهيو آهي.
اين اي 110 گوجرانوالا تي نواز ليگ سان واسطو رکندڙ خواجه آصف تحريڪ انصاف جي عثمان ڊار کي شڪست ڏني هئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*