ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي تي گذريل هڪ سال کان نظر هئي، معاملي ۾ ڪا حڪومتي شخصيت ملوث هئڻ بابت جاچ ڪئي پئي وڃي،ڊي جي نيب بلوچستان ڪيپٽن رٽائرڊ طارق محمود

DG-NAB-Balochistan-70516

ڊي جي نيب بلوچستان ڪيپٽن رٽائرڊ طارق محمود چيو آهي ته ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي تي گذريل هڪ سال کان نظر هئي، معاملي ۾ ڪا حڪومتي شخصيت ملوث هئڻ بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، مشتاق رئيساڻي وٽان هٿ آيل رقم هنڊي ذريعي پرڏيهه منتقل ٿيڻي هئي.
ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي نيب بلوچستان ڪيپٽن رٽائرڊ طارق محمود چيو ته ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کان جاچ هلندڙ آهي، جلد حقيقتون منظر عام تي آڻيون وينديون.
هن چيو ته مشتاق رئيساڻي جي ڪرپشن بابت هڪ سال کان جاچ هلي رهي هئي، معاملي ۾ڪا حڪومتي شخصيت ملوث هئڻ بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ترقياتي فنڊز لوڪل گورنمينٽ بدران سڌو سنئون ناڻي کاتي کي ڏنا ويا، ناڻي کاتي 2014۽ 2015 جي ترقياتي بجيٽ رڳو ٻن تڪن ۾ منتقل ڪئي.
طارق محمود وڌيڪ چيو ته نيب  هٿان پڪريل ترقياتي فنڊز جي رقم هنڊي ذريعي پرڏيهه منتقل ٿيڻي هئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*