سنڌ رينجرز، ڪراچي ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ موبائيل ايپليڪيشن سافٽ ويئر متعارف ڪرائي ورتو

Chandio-or-Rangers-70516

سنڌ رينجرز، ڪراچي ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ موبائيل ايپليڪيشن سافٽ ويئر متعارف ڪرائي ورتو آهي، جنهن ۾ 3 هزار کان وڌيڪ اسڪول رجسٽرڊ ڪرايا ويا آهن، رينجرز ترجمان ڪرنل قيصر چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ شهر کي 60 حصن ۾ ورهايو ويو آهي، صوبائي صلاحڪار مولا بخش چيو آهي ته رينجرز پاران نئون سسٽم متعارف ڪرائڻ سٺو سنوڻ آهي، ڊاڪٽر عاصم پنهنجي ادارن آڏو ڏک بيان ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي رينجرز ترجمان ڪرنل قيصر چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ رينجرز هڪ سافٽ ويئر ايپليڪيشن معتارف ڪرايو آهي، جنهن کي رينجرز اسڪول ڪاليج پروٽيڪشن سسٽم جو نالو ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته ڏوهاري سرگرمين جي روڪٿام لاءِ ڪراچي کي 60 حصن ۾ ورهايو ويو آهي، 15 هنڌن جي ڪنٽرول سسٽم کي ونگ جي سطح تي مانيٽر ڪيو ويندو.
ڪرنل قيصر چيو ته ڪراچي جي لڳ ڀڳ 15 هزار اسڪولن مان 3 هزار کان وڌيڪ اسڪول موبائيل ايپليڪيشن ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته ايپليڪيشن ۾ ٽن مرحلن اندر رجسٽريشن جو عمل شروع ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ اسڪول، ٻئي مرحلي ۾ شاپنگ سينٽرز ۽ ٽئين مرحلي ۾ اسپتالن ۽ ميڊيا هائوسز کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو، جڏهن ته اسڪول جو سربراهه هنگامي ايس ايم ايس ذريعي شڪايت کان آگاهه ڪري سگهندو.
صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو ته رينجرز پاران ڏوهي سرگرمين جي روڪٿام لاءِ موبائيل ايپليڪشن متعارف ڪرائڻ سٺو سنوڻ آهي.
هن چيو ته ملڪي ترقي جي دشمنن پاڪستان کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، جن کان جند ڇڏارائڻ وقت جي اهم گهرج آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادار سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
مولانا بخش چانڊيو چيو ته اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجن ادارن آڏو پنهنجو ڏک بيان ڪري غداري نه ڪئي آهي، سڀني کي اظهار جي آزادي حاصل آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ مولابخش چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪوآرڊينيٽر آفتاب احمد واري معاملي جي جاچ جار ي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ ايڪشن نظر ايندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*