پاڪ سرزمين پارٽي جو سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائم خاني سکر پهچي رهيا آهن

mustfa-kamal-

پاڪ سرزمين پارٽي جو سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائم خاني سکر پهچي رهيا آهن، سندن آمد کان اڳ ئي پاڪ سرزمين پارٽي جي لڳايل بئنرز کي ڦاڙيو ويو، حيدر آباد جي لطيف آباد يونٽ نمبر 8  ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جو جهنڊو ڦڙڪائڻ دوران پاڪ سرزمين پارٽي ۽ متحده ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي.

مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائم خاني سکر ۾ پاڪ سرزمين پار

ٽي جي آفيس جو افتتاح ڪرڻ لاءِ پهچي رهيا آهن، پارٽي جي ڪارڪنن پاران سندن آجيان جون تياريون ڪيون ويون آهن.

 لطيف آباد 8 نمبر واري علائقي ۾ انيس قائم خاني جي آمد تي متحده جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، جنهن دوران ٻنهي پارٽين جي  ڪارڪنن هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ذريعن موجب ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ وقت پوليس جا ڪجهه اهلڪار به موجود هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*