تحريڪ انصاف جو سربراهه سعودي عرب ۾ عمري جي ادائيگي بعد ڏيهه واپس روانو ٿي ويو

imran-khan-

تحريڪ انصاف جو سربراهه سعودي عرب ۾ عمري جي ادائيگي بعد ڏيهه واپس روانو ٿي ويو آهي، عمران خان چيو آهي ته حڪومت بند گهٽيءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ سندس نڪرڻ جو ڪو به دڳ نه آهي.

پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق موجب، عمران خان سعودي عرب ۾ عمري جي ادائيگي کانپوءِ ڏيهه واپسي لاءِ جده ايئرپورٽ تي پهتو.

عمران خان ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هو هلندڙ سال اليڪشن ٿيندي ڏسي رهيو آهي، ڪارڪن اليڪشن جون تياريون شروع ڪن.

هن چيو ته حڪومت بند گهٽيءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ سندس نڪرڻ جو ڪو به دڳ نه آهي، تحريڪ انصاف ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، پاناماليڪس اسڪينڊل جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*