ڳڙهي ياسين ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو

ghari-yaseen-

ڳڙهي ياسين ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو، خانپور ۾ پوليس موبائيل سائيڪل سوار ٻارڙَي کي بچائيندي واهه ۾ ڪرڻ سبب ايس ايڇ او سميت 7 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

ڳڙهي ياسين ڀرسان باقر شاهه بس اسٽاپ وٽ ٽرالر ٽڪر  هڻي موٽر سائيڪل سوار 20 سالن جي نوجوان نصرالله انڙ کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 ٻئي طرف خانپور  ۾ ڳڙهي سيد لنڪ روڊ تي پوليس موبائيل سائيڪل سوار ٻارڙَي کي بچائيندي واهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او ايوب ڊوگر سميت 7 اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال ۾ ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*