دادو جي واهن ۽ شاخن ۾ زرعي پاڻي نه هئڻ ڪري مڇين جي تلائن جو پاڻي کارو ٿي ويو،مڇي جو ٻيجارو مري رهيو آهي

dadu-fish

 دادو جي واهن ۽ شاخن ۾ زرعي پاڻي نه هئڻ ڪري مڇين جي تلائن جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مڇي جو ٻيجارو مري رهيو آهي.

دادو ويجهو ڳوٺ صفر لنڊ ڀرسان مڇي جي تلائن ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آهي ۽ ٿورڙي مقدار ۾ بچي ويل پاڻي به کارو ٿي رهيو آهي.

سخت گرمي ۽ اس ۾ ٿوري مقدار ۾ موجود پاڻي گرم به ٿي وڃي ٿو، جنهن ڪري مڇي جو ٻيجارو مري رهيو آهي.

مڇي فارمن جي مالڪن جو چوڻ آهي ته زرعي پاڻي نه اچڻ جي صورت ۾ مڇي جو ٻيجارو مري ويندو ۽ کين لکين رپين جو نقصان رسندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*