قاضي احمد مان 26 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل گونگي نينگري ناهيده جتوئي بازياب نه ٿي سگهي

qazi-ahmad-protest

قاضي احمد مان 26 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل گونگي نينگري ناهيده جتوئي بازياب نه ٿي سگهي، نينگري جي وارثن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

قاضي احمد جي آفتاب ڪالوني مان گونگي نينگري ستن سالن جي گونگي نينگري ناهيده جتوئي جي اغوا کي 26 ڏينهن ٿي ويا آهن پر پوليس کيس بازياب ناهي ڪرائي سگهي.

نينگري جي وارثن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس واقعي جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪرڻ بعد ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

هنن مطالبو ڪيو ته نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*