ڳالهيون جمهوريت جو حسن آهن، حڪومت ٽي آو آرز تي رابطو ڪيو ته ڳالهيون ڪيون وينديون: خورشيد شاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڳالهيون جمهوريت جو حسن آهن، حڪومت ٽي آو آرز تي رابطو ڪيو ته ڳالهيون ڪيون وينديون، قرض معاف ڪرائيندرن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اڳ ئي چيو هو ته پاناما پيپرز ۾ جنهن جو به نالو آيو آهي سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي، قرض معاف ڪرائيندڙن جو به احتساب وقت جي اهم گهرج آهي.

هن چيو ته مخالف ڌر ڪنهن به شخص تي الزام نه هنيو آهي، پاناماليڪس عالمي اسڪينڊل آهي، الزامن هيٺ آيل شخص بابت جاچ ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف جاچ کان ڀڄڻ چاهي ٿو ته اها سندس مرضي آهي، نواز شريف جو پاناليڪس اسڪينڊل کان نه ڊڄڻ سٺو سنوڻ آهي.

خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن جماعتون پاناماليڪس معاملي  تي ٽي او آرز بابت حڪومت سان ڳالهين تيار آهن، شريف ڪٽنب مٿان لڳايل الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*