شريف ڀائرن پاناما ليڪس معاملي تي حڪومت جي اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ تي اتفاق ڪري ورتو

nawaz

شريف ڀائرن پاناما ليڪس معاملي تي حڪومت جي اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽي او آرز تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر ڪنهن جي به ڊڪٽيشن قبول نه ڪئي ويندي.

رائيونڊ ۾ وزير اعظم نواز شريف سان پنجاب جَي وڏي وزير شهباز شريف ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاناماليڪس تي اپوزيشن جي ٽي او آرز تي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران وزيراعظم نواز شريف اتحادين سان مشاورت بابت شهباز شريف کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته پاناما ليڪس معاملي تي اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته حڪومت ٽي او آرز تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر ڪنهن جي به ڊڪٽيشن قبول نه ڪئي ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*