پاناماليڪس معاملي تي وزير اعظم کي اپوزيشن جي تجويزن تي عمل ڪرڻ گهرجي، چوڌري نثار سمجهدار آهي:مولابخش چانڊيو

mola-bux-chandio

وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پاناماليڪس معاملي تي وزير اعظم کي اپوزيشن جي تجويزن تي عمل ڪرڻ گهرجي، چوڌري نثار سمجهدار آهي، سندس بيانن ۾ تضاد هوندو آهي.

ٽنڊي محمد خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي پاناماليڪس اسڪينڊل جي شفاف جاچ چاهي ٿي، جڏهن ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ هر مثبت قدم کنيو ويندو.

هن چيو ته وزير اعظم کي سندس صلاحڪار غلط بريف ڪري رهيا آهن، کيس پناما ليڪس معاملي تي مخالف ڌر جي تجويزن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

مولا بخش چانڊيو چيو ته  پاناماليڪس اسڪينڊل ۾ وزير اعظم نواز شريف ڪٽنب جو نالو شامل آهي، الزامن واري سياست کان پاسو  ڪري ملڪي مفادن لاءِ قدم کنيو وڃي.

مولا بخش چانڊيو چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي سمجهدار ماڻهو آهي، سندس موقف ۾ سدائين تضاد هوندو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*