اتر ڪوريا ۾ بجلي تي هلندڙ سائيڪلن جو رواج ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي

northkoria

اتر ڪوريا ۾ بجلي تي هلندڙ سائيڪلن جو رواج ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جيڪا نه رڳو سستي پر ماحول دوست سواري به آهي.

اتر ڪوريا جي راڄڌاني پيانگ يانگ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو اليڪٽرڪ سائيڪل هلائيندي نظر اچن ٿا،  مقامي ماڻهن توڙي پرڏيهين جو چوڻ آهي ته هي سائيڪلون گهڻيون مقبول ٿينديون پيون وڃن.

سائيڪل هلائيندڙ هڪ ڄني جو چوڻ هو ته هي ڀلي سواري آهي، جيڪا نه رڳو ماحوليات لاءِ سٺي آهي پر ان سان سٺي ورزش به ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ آٽوميٽڪ توڙي مينوئل ٻئي فنڪشن آهن.

اتر ڪوريا ۾ چين مان درآمد ٿيل اليڪٽرڪ سائيڪل جي قيمت 330 امريڪي ڊالر آهي، جيڪا عام اترڪوريائي جي پهچ کان گهڻي مهانگي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*